طالب لوهار

طالب لوهار: لاڙ جي نامور سگهڙ طالب لوهار جو پورو نالو محمد طالب ولد محمد سومار لوهار هو. سندس جنم 1912ع ڌاري ڳوٺ اڊوڙي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. ابتدائي قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جي تعليم ’ٿوهي‘ جي مدرسي ۾ ميانجي محمد حسن عرف ميانجي ڏتل وٽان حاصل ڪئي. بعد ۾ ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جي مدرسي ۾ داخل ٿيو جتي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر استاد محمد صديق مسافر ۽ قادر بخش خاصخيلي وٽ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ، انهن جي صحبت سبب علم ۽ ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. 1934ع ۾ بمبئيءَ يونيورسٽي مان مئٽرڪ پاس ڪري پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. پوليس ۾ دل نه لڳڻ سبب اها نوڪري ڇڏي، 1940ع ڌاري سوائل ڪلاسيفڪيشن (زمين جي مٿانهين جي چڪاس) کاتي ۾ ملازم مقرر ٿيو، جتي 1952ع تائين خدمتون سر انجام ڏنائين. 1944ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1952ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ملاقات ٿي، جنهن منجهس ٻوليءَ ۽ ادب سان لڳاءُ ۽ قابليت لوڪ ادب اسڪيم ۽ سنڌي لغت جي ڪم ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ آڇ ڏني. جيڪا آڇ قبول ڪندي 1960ع تائين، انهي ڪم ۾ ذميواريون نڀايائين. علم ۽ ادب جي شوق کيس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اتساهيو. 1974ع ۾ بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. لوڪ ادب جي سهيڙ، دوران مشهور سگهڙ حاجي سرماڻ خان ڪرمتيءَ کان جلال کٽي ۽ سيد راڄن شاهه جا شعر ٻڌي کيس شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. لوڪ ادب جي اسڪيم ڇڏڻ کان پوءِ ٽنڊي باگي ۾ عريضي نويس جو ڪم شروع ڪيائين، جتي شاعري کي مڪمل وقت پڻ ڏنائين. شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن، هنر، رُباعي، غزل، مخمس، مسدس، مستزاد، بيت ۽ ڪافيءَ ۾ گهڻا شعر چيا. طالب لوهار 2 جون 1989ع تي وفات ڪئي. سندس شاعري جو ڪتاب ”پيرون چونڊيم پاند ۾“ 2012ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


لفظ طالب لوهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.06.02  عيسوي

طالب لوهار جو پورو نالو محمد طالب ولد محمد سومار لوهار هو. سندس جنم 1912ع ڌاري ڳوٺ اڊوڙي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. پاڻ 2 جون 1989ع تي وفات ڪئي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالم گوپانگ
حسين بخش رڏ
عبدالرحمان مهيسر
رمضان واڍو
ٽالپر شيخ
سگھڙ
رب ڏنو هنڱورو
قائم الدين سهتو
مجنون فقير ٻرڙو
پلي سگھڙ محمد عالم
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون